ٽبڪن واري ٽنڊڻي

ٽبڪن واري ٽنڊڻي: هي فصل لاءِ نقصانڪار جيت آهي. جيڪو بالغ توڙي ان جا ٻچا پنن کي کائي، انهن جون صرف نسون ڇڏيندا آهن. هي جيت بالغ حالت ۾ ناسي رنگ جو هوندو آهي. سندس سخت پرن تي ٻنهي پاسي 6-6 ڪارا ٽٻڪا هوندا آهن. فصل کي بچائڻ لاءِ فاسٽڪ اي سي يا ڊيسس ڊي دوا جو ڦوهارو ڪبو ته هي جيت مري ويندا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو